شهيد الله بخش پارڪ

شهيد الله بخش پارڪ

شهيد الله بخش پارڪ

شهيد الله بخش پارڪ (شاهي باغ): عوام جي تفريح لاءِ قائم ڪيل هي باغ شڪارپور ضلعي جي يونين ڪائونسل نمبر 8 ۾، بيگاري واهه روڊ تي موجود آهي. هي باغ مشهور قومپرست اڳواڻ ‘شهيد الله بخش سومري’ جي نالي سان منسوب آهي، جڏهن ته عام طور ‘شاهي باغ’ سڏجي ٿو. هن باغ جي ايراضي ڪافي وسيع آهي ۽ شڪارپور ۾ قائم واحد تفريح گاهه آهي. هن باغ ۾ راند جو ميدان، پويلين، ڇپر ۽ چئني پاسي وڻ ۽ ٻوٽا آهن. باغ ۾ ويهڻ واري جاءِ تي جهوپڙي نما ڇڄا ٺهيل آهن. باغ جي سارسنڀال سنڌ حڪومت جي ذمي آهي. شڪارپور شهر سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻولي جي نمايان شاعر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هن باغ جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي. شڪارپور جا رهواسي هر روز شام جو شاهي باغ ۾ تفريح لاءِ ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو